سنڌ جي حُسن تي حملو، ڪارونجهر کي ڪوري قيمتي پٿر وڪرو

مٺي (رپورٽ:غازي بجير) ننگر پارڪر ۾عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪندي بااثرن  ڪارونجهر کي ٽوڙي گرينائيٽ جا ڳرا پٿر کڻڻ جو سلسلو هڪ ڀيرو ٻيهر تيز ڪري ڇڏيو آهي، بنا ڪنهن رنڊڪ جي قيمتي پٿرن

سان ڀريل گاڏيون ڪراچي ۽ حيدرآباد وڃڻ لڳيون.رپورٽ موجب سنڌ جو سياحتي ماڳ ڪارونجهر جبل حڪمرانن جي بي ڌياني سبب مڪمل طور تي لاوارث بڻجي ويو آهي، جنهن سبب جبل جي مختلف حصن کي ڪوري ڪٽڻ بعد ڪڍيل قيمتي گرينائيٽ پٿر کڻڻ جو سلسلو ٻيهر تيز ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب ڪارونجهر جي پهاڙي سلسلي کارسر جبل مان سگهاريون ڌريون سوين مڻ  قيمتي ڳرا پٿر ڪڍي هيوي ٽرالرن ذريعي ڪراچي منتقل ڪرڻ لڳيون آهن جڏهن ته صوبائي وزير سردار شاھ ڪجهھ ڏينهن اڳ ڪارونجهر جا پٿر کڻڻ وارن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي هئي جنهن تي  ڪو به عمل نه ٿي سگهيو.ٻئي طرف سنڌ حڪومت جي مائنز  ۽ منرل کاتي پڻ سرعام ڪارونجهر جي قيمتي پٿرن جي چوري توڙي ايڪسپورٽ جو نوٽيس نه ورتو آهي. مليل رپورٽن موجب لاڳاپيل کاتي جي ملي ڀڳت عيوض ڪارونجهر جو پٿر کڄي رهيو آهي.هوڏانهن ڪارونجهر سجاڳ فورم جي اڳواڻ الهرکيو کوسو جو چوڻ آهي ته ڪارونجهر سنڌ جي سونهن ۽ هزارين جاندارن جي جياپي جو ذريعو آهي،نوٽيس وٺي ڪارونجهر کي بچايو وڃي.

ڀوڏيسر  ۽ آڌي گام ڊيم ۾به ڪارونجهر جو پٿر استعمال

مٺي: ٿر ۾ ٺهندڙ ننڍن ڊيمن جي اڏاوتي ڪم ۾ به ڪارونجهر جي پٿر جو سرعام استعمال ڪيو پيو وڃي. عالمي بئنڪ جي تعاون سان ٺهندڙ آڌي گام ۽ بڙ ڀوڏيسر ڊيمن ۾ اسٽيميٽ خلاف ڪارونجهر جو پٿر استعمال ڪيو پيو وڃي.ٻئي پاسي مقامي ماڻهن جي سخت اعتراض ۽ احتجاج بعد ڪجهه وقت لاءِ ڪارونجهر مان پٿر کڻڻ جو سلسلو رڪجي ويو هو پر  مقامي بااثرن ۽ سگهارين ڌرين حڪومت جي مدد سان پٿر کڻڻ جو ڪم ٻيهر تيز ڪري ڇڏيو آهي.

ادارا به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار  نه !

مٺي:ڪارونجهر سنڌ جي سرحد جو دفاعي مورچو هئڻ باوجود کيس ڪوري ڪٽي ختم ڪندڙن خلاف ادارا نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهن. سرعام کڄندڙ گرينائيٽ پٿر جي چوريءَ کي انتظاميا روڪي نه پئي سگهي. مليل رپورٽن موجب پوليس کي رشوت عيوض ماٺ ڪرايو ويو آهي،جيڪا خاموشي سان تماشو ڏسي رهي آهي

ڪارونجهر جي ڪٽائي ۾سنڌ سرڪار جي رضامندي شامل

مٺي:ڪارونجهر مان قيمتي پٿرن جي چوري ۾سنڌ حڪومت ۽ چونڊيل نمائندن جي رضامندي شامل هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ذريعن موجب پ پ جي صوبائي حڪومت ۽ اُن جي چونڊيل نمائندن جي ڪارونجهر جي ڪٽائي ۽ پٿر  کڻڻ  ۾ رضامندي شامل آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اهو ئي سبب آهي ته پ پ حڪومت ۾ هوندي به ڪارونجهر کي بچائڻ ۾ نظر نه ٿي اچي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.