سياسي بحران ۾ غريب رُلي ويو آهي: سراج الحق

لاهور  (پ ر)  جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته سياسي بحران ۽ افراتفري ۾ غريبن کي چيڀاٽيو دٻايو ويو آهي. کاڌيپيتي جي شين جون قيمتون ڏينهون ڏينهن وڌي رهيون آهن، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون بي بس آهن رڳو پاڻ ۾ وڙهندڙ آهن. سياري ۾ گئس جي شديد بحران جو خطرو، مقامي پيداوار تي ڌيان نه ڏنو ويو، واپار لاءِ خزانو خالي.هن  چيو ته اسان قوم کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته پي ڊي ايم ۽ پي ٽي آءِ جي جنگ  نه غريبن جي بهتري لاءِ آهي ۽ نه ئي اهي حڪمران ملڪ مان جهالت، مهانگائي، بيروزگاري جي خاتمي لاءِ وڙهي رهيا آهن هن چيو ته  احتساب جا پر ڪاٽيا ويا آهن  پنجاهه ڪروڙ رپين تائين جي ڪرپشن تي کليل موڪل آهي. انصاف جا دروازا غريبن لاءِ بند آهن، پئسن کانسواءِ ڪو به عدالت ۾ نٿو وڃي سگهي. جماعت اسلامي جي جدوجهد ڪنهن سياسي پارٽي يا شخصيت خلاف ناهي، اسان فرسوده نظام کان ڇوٽڪارو چاهيون ٿا، اهڙن خيالن جو اظهار هن منصوره ۾ مختلف وفدن سان ڳالهائيندي ڪيو.سراج الحق چيو ته معاشي ۽ سياسي دهشتگردي ڪري ملڪ ۽ ادارا تباهه ٿي ويا. ثابت ٿي ويو ته پي ڊي ايم ۽ پي ٽي آءِ وٽ مسئلن جو ڪو حل ناهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.