گورنر راڄ لڳي سگهي ٿو: گورنر پنجاب

گلشن اقبال( رپورٽ: شفقت نوناري) پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان چيو آهي ته جيڪڏهن حالتون ضابطي ۾ نه رهيون ته گورنر راڄ لڳي سگهي ٿو. ميڊيا سان ڳالهائيندي پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان چيو ته گورنر راڄ جو آپشن آئين ۾ موجود آهي، اهو آئيني عمل آهي، گورنر راڄ لڳائڻ ناممڪن ناهي. ٻئي طرف  پنجاب جي گورنر محمد بليغ الرحمان اڱاري 8 نومبر تي ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز پهتو ۽ سنڌ انسٽيٽيوٽ آف ايڊوانسڊ گيسٽرو اينٽرولوجي (SIAG) جي هلندڙ ڪم جو معائنو ڪيو. پنجاب جي گورنر محمد بليغ الرحمان جو استقبال سياگ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پروفيسر سعد خالد نياز ڪيو، بعد ۾ سرجيڪل وارڊ فور جي سيمينار هال ۾ پروفيسر سعد خالد نياز گورنر کي سياگ پروجيڪٽ بابت بريفنگ ڏني. گورنر پنجاب سيگ جي هلندڙ ڪم جو معائنو ڪيو ۽ اطمينان جو اظهار ڪيو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.