”عمران تي حملو،ارشد شريف قتل، جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙيو“ :چيف جسٽس کي خط

اسلام آباد( م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف عمران خان تي حملي ۽ ارشد شريف قتل ڪيس جي جاچ بابت عدالتي ڪميشن جوڙڻ لاءِ چيف جسٽس آف پاڪستان کي ڌار ڌار خط لکي ڇڏيا آهن. ان سلسلي ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيف جسٽس آف پاڪستان کي هڪ خط ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين تي حملي جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي اپيل ڪئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف طرفان چيف جسٽس آف پاڪستان کي لکيل خط ۾ اپيل ڪئي آهي ته عمران خان تي فائرنگ جي واقعي جون حقيقتون ڄاڻڻ لاءِ جڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي. خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي سڀني ججن تي ٻڌل ڪميشن جوڙي وڃي، جيڪا 5 سوالن تي خاص طور غور ڪري سگهي ٿي. وزيراعظم موجب لانگ مارچ جي حفاظت جي ذميواري ڪهڙن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي هئي؟ ڇا حفاظتي قدم کنيا ويا ۽ ضابطا لاڳو ڪيا ويا ۽ ڇا انهن تي عمل ٿيو؟ وڌيڪ سوال ڪندي وزيراعظم چيو آهي ته حادثي جون پنهنجون حقيقتون ڪهڙيون آهن؟ هڪ کان وڌيڪ شوٽرز جي موجودگي جي اطلاع، جوابي فائرنگ، مجموعي طور تي نشانو بڻجندڙن جو انگ، انهن جي زخمن جي نوعيت بابت حقيقتون ڪهڙيون آهن؟ عمران خان کي خانگي اسپتال نيو ويو، قانون موجب ميڊيڪو ليگل مرحلو نه ٿيڻ سبب رپورٽ به نه ٿي، ثبوت گڏ ڪرڻ جو مروج طريقو اختيار نه ڪرڻ بدنيتي آهي، پنجاب سرڪار ثبوتن ۾ گڙٻڙ ڪري سگهي ٿي. خط ۾ چيو ويو ته عمران تي حملي کان پوءِ ملڪ ۾ وڳوڙي حالتون آهن. پنجاب ۽ ڪي پي حڪومتن جي سرپرستي ۾ وڳوڙي حملا پيا ڪن، گورنر هائوس پنجاب تي حملو ڪيو ويو. فوج جي ڪردار ڪشي ڪندي ادارن خلاف گندي مهم هلائي پئي وڃي. وزيراعظم چيو ته ڪنٽينر به فارنزڪ لاءِ تحويل ۾ نه ورتو ويو، ڇا واردات واري هنڌ جاچ ۾ ڄاڻي واڻي رنڊڪون وڌيون پيون وڃن؟ اهي ڪهڙا عنصر آهن، پي ٽي آءِ جي ماتحت پنجاب حڪومت ڪرائم سين به محفوظ ناهي ڪيو . وزيراعظم مطالبو ڪيو ته سپريم ڪورٽ جي سمورن موجود ججن تي ٻڌل عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي.هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف سينيئر صحافي ارشد شريف جي موت جي جاچ لاءِ چيف جسٽس آف پاڪستان کي خط لکي ڇڏيو. خط ۾ ارشد شريف جي موت جون حقيقتون ڄاڻڻ لاءِ جڊيشل ڪميشن ٺاهڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي ۽ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي سمورن ججن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي وڃي. خط جي متن موجب ڪميشن 5 سوالن تي خاص طور تي غور ڪري سگهي ٿي، ارشد شريف جي ٻاهرئين ملڪ روانگي ۾ ڪنهن سهولتڪاري ڪئي؟ ڪا وفاقي يا صوبائي ايجنسي ارشد شريف کي ملندڙ ڌمڪي کان آگاهه هئي؟ جيڪڏهن ارشد شريف جي حياتي کي خطري جو اطلاع هو ته بچاءَ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا؟ ڪهڙيون حالتون ۽ سبب هئا، جنهن جي بنياد تي ارشد شريف کي دبئي کان ڪينيا وڃڻو پيو؟ فائرنگ جي واقعن جي اصل حقيقت ڇا آهي، جن ۾ ارشد شريف جو موت ٿيو؟ ڇا ارشد شريف جو موت واقعي غلط سڃاڻپ جو معاملو آهي يا وري اهو ڪنهن مجرماڻي راند جو نتيجو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني لاءِ ڪميٽي جوڙڻ ضروري آهي، وفاقي حڪومت ڪميشن کي ڀرپور سهڪار فراهم ڪندي. خط جي متن موجب ارشد شريف جي ماءُ توهان کي اپيل ڪئي آهي، اسان ان جي مڪمل حمايت ڪيون ٿا، ارشد شريف جي موت تي وفاقي حڪومت ۽ رياستي ادارن تي شڪ شبها ظاهر ڪيا ويا، عوامي اعتماد جي بحالي لاءِ سپريم ڪورٽ جو ڪميشن ٺاهڻ ضروري آهي، اڻ ڌري باڊي جاچ نه ڪئي ته وڏي مدي جي بنيادن تي نقصان ٿيڻ جو خدشو آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.