عمران خان، اسلام آباد کانسواءِ ٻين شهرن ۾ احتجاج کان روڪي ڇڏيو

لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان پنهنجي ڪارڪنن کي اسلام آباد کانسواءِ سڀني شهرن ۾ احتجاج ختم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ذريعن موجب عمران خان اسلام آباد کانسواءِ باقي شهرن ۾ احتجاج ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. عمران خان طرفان پارٽي اڳواڻن کي ان فيصلي کان آگاهه ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته عوام کي پيش ايندڙ ڏکيائين کي ڏسندي عمران خان احتجاج ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. واضح رهي ته وزيرآباد ۾ عمران خان تي حملي کانپوءِ پي ٽي آءِ ڪارڪن سراپا احتجاج آهن. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.