لاڙڪاڻي ۾ غيرقانوني اڏاوتن خلاف ڪارروائي

ڪراچي (رپورٽر)  ضلعي لاڙڪاڻي ۾ وڌندڙ قبضا مافيا پاران غيرقانوني قبضن تي هاءِ ڪورٽ پاران 2021 تي حڪمن تحت غيرقانوني  قبضا مافيا خلاف  سنڌ  بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پاران ڪارروايون، خبر موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ  پاران 2021 جي حڪمن تحت عمل ڪندي لاڙڪاڻي  ۾سوين غيرقانوني قبضن کي سيل ڪري ڇڏيو. عوامي آواز سان ڳالهائيندي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي لاڙڪاڻو جي ڊپٽي ڊائريڪٽر نسيم خان ابڙو چيو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي هاڻي غيرقانوني جڳهون ٺاهيندڙن تي سڌو سنئون ڊسٽرڪٽ سيشن جج لاڙڪاڻي وٽ  ڪيس داخل ڪرائيندي ۽  مختلف علائقن ۾ غير قانوني جڳهيون سيل به ڪري ڇڏيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته غيرقانوني جاين تي ڪنهن به قسم جي يوٽيلٽي سروسز مهيا نه ڪئي ويندي  ۽ هاڻي ڊپٽي ڪمشنر جي منظوري بغير جڳهن جي تعمير ڪندو ته ان کي سيل ڪيو ويندو ڇوته ڊپٽي ڪمشنر هاڻي ڪاغذن جو ڇنڊڇاڻ ڪندو.  هن وڌيڪ چيو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ڪڏهن به غير قانوني اڏاوتن کي ڇوٽ نه ڏيندي ۽ قانون جي خلاف وزري ڪندڙ خلاف ڊسٽرڪٽ سيشن جج وٽ ڪيس داخل ڪندي ۽ جڳهن کي پڻ سيل ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.