ديامير ۾ شرپسندن نياڻين جي اسڪول کي باهه ڏئي ڇڏي

ديامير(م ڊ) گلگت بلتستان جي ضلعي ديامير جي وادي داريل ۾ نامعلوم شرپسندن ڇوڪرين جي اسڪول کي رات جي اونداهي ۾ باهه ڏئي ڇڏي، واقعي جو ڪيس اڻ ڄاتل جوابدارن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيو ويو، وڏي وزير خالد خورشيد اسڪول ساڙڻ واري واقعي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ترجمان مطابق وزيراعليٰ واقعي کي افسوسناڪ قرار ڏئي پوليس اختيارين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، هن اسڪول جي فوري مرمت ڪري تعليمي سرگرميون بحال ڪرڻ جو به حڪم ڏنو آهي، بي بي سي موجب سيمگال پائين جي علائقي ۾ 7 هزار آبادي لاءِ اهو واحد مڊل گرلز اسڪول آهي جنهن ۾ 68 شاگردياڻيون پڙهي رهيون هيون، هڪ رهواسي ٻڌايو ته رات وقت ٻه گاڏيون ڏٺيون ويون، اسان جو خيال آهي ته اسڪول کي منظم منصوبابندي تحت ساڙيو ويو آهي، واقعي جا ذميوار اسڪول جي چوڪيدار کي ٻڌي پاڻ سان گڏ کڻي ويا، ۽ ويرانعلائقي ۾ کيس ڇڏيو ويو، صحافي ۽ انساني حقن جي ڪارڪن روشن دين دياميري چيو ته جنهن علائقي ۾ اسڪول سڙيو اتي اڳ ئي نياڻين جي تعليم جي حوالي سان مسئلا موجود هئا، ڪجه شرپسند نه پيا چاهين ته ڇوڪريون تعليم حاصل ڪن، هن چيو ته ان کان اڳ 2018ع ۾ هڪ ئي رات ۾ 12 اسڪول ساڙيا ويا هئا، رات مهل ڪارروائي ۽ چوڪيدارن سان به هڪ ئي طرح جو سلوڪ ڪيو ويو آهي، هن چيو ته انهن سڀني واقعن جو هڪ به جوابدار گرفتار نه ٿيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.