ادارن کي عوام جا حق مڃڻا پوندا: فواد چوڌري

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته طاقتور گروهه ملڪ جي سياسي ۽ عدالتي نظام کي يرغمال بڻايو آهي، پر هاڻي عوام عمران خان جي قيادت ۾ هڪ منظم قوت آهي تنهن ڪري ادارن کي عوام جا حق مڃڻا پوندا، هن چيو ته اهو ئي سبب آهي ته جڏهن مودي پاڪستان لاءِ چوي ٿو ته اسان کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڳالهه ڪنهن سان ڪرڻي آهي ته اسان وٽ ڪو جواب ناهي هوندو، هوڏانهن اسد عمر ٽوئيٽ ۾ عمران تي حملي جي ايف آءِ آر کي رد ڪندي چيو ته ملڪ ۾ قائم نظام جي حقيقت عوام آڏو کليل نموني اچي وئي آهي، ڪجهه ماڻهو نه بلڪه قوم آڏو پورو نظام اگهاڙو ٿي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.