ماسترياڻي پنهنجي شاگردياڻي سان شادي لاءِ جنس تبديل ڪرائي مرد بڻجي وئي

راجسٿان (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هڪ ماسترياڻي پنهنجي اسڪول جي شاگردياڻي سان شادي لاءِ پنهنجي جنس تبديل ڪرائي ڇڏي.

ڀارتي رياست راجسٿان جي هڪ اسڪول جي ماسترياڻي ميرا کي شاگردياڻي ڪلپنا سان محبت ٿي وئي ۽ پنهنجي محبت کي حاصل ڪرڻ لاءِ ماسترياڻي جنس به تبديل ڪرائي ڇڏي.

جنس جي تبديلي کانپوءِ اسڪول ٽيچر ميرا پنهنجو نالو آروو ڪنتل رکيو ۽ ڪلپنا سان شادي ڪرائي ورتائين.

شادي جي تقريب ۾ جوڙي جي گهرڀاتين به شرڪت ڪئي.

آروو ٻڌايو ته ڪلپنا سان اسڪول جي راند جي ميدان ۾ ملاقات ٿي ۽ ٿورڙي ڳالهين بعد اسان ٻئي هڪ ٻئي سان محبت ڪرڻ لڳاسين.

اسڪول جي ماسترياڻي ميرا هاڻي آروو بڻجي چڪو آهي

سندس چوڻ آهي ته کيس شروع کان محسوس ٿيو هو ته هو ڇوڪري نه پر ڇوڪرو آهي ان لاءِ پهريون ڀيرو هن 2019 ۾ پنهنجي سرجري ڪرائي.

ٻئي پاسي ڪلپنا جو چوڻ هو ته مون کي پهرين نظر ۾ آروو سان پيار ٿي ويو هو جيڪڏهن هو پنهنجي جنس تبديل نه ڪرائي تڏهن به ساڻس شادي ڪريان ها.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.