پاڪ- نيوزيلينڊ سيمي فائنل نه ٿيڻ جو امڪان؟

سڊني ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جو سيمي فائنل سڀاڻي کيڏيو ويندو جنهن لاءِ ڪرڪيٽ شوقين تمام گهڻو پرجوش آهن.

پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ تي سيمي فائنل رٿيل آهي جتي برسات جو ڪو خاص امڪان نه آهي.

آسٽريلوي موسميات کاتي موجب سڊني ۾ سڀاڻي برسات جا اٺ کان 24 سيڪڙو امڪان آهن، عام طور تي آسان صاف رهندو جڏهن ته جزوي طور موسم جهڙالي پڻ رهندي.

ٻئي پاسي ميڊيا  رپورٽن موجب سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ جي پچ بابت ٻڌايو ويو آهي ته ان ميدان جي وڪيٽ سدائين بيٽرز لاءِ سازگار رهي آهي انڪري ٻنهي ٽيمن طرفان سڀاڻي رنسن جو جبل کڙو ڪرڻ جو امڪان آهي جڏهن ته پهريان بيٽنگ ڪرڻ واري ٽيم 170 کان 180 تائين جو ٽارگيٽ ڏئي سگهي ٿي.

انکانسواءِ نئين بال سان بالنگ ڪندڙ بالرن لاءِ پچ مددگار ثابت ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.