سکر هاءِ ڪورٽ ۾ فهميده لاشاري ڪيس جي ٻڌڻي

سکر ( رپورٽر  )  سکر سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ پاران اغوا ٿي ويل سعيد آباد واسڻ فهميده لاشاري جي بازيابي واري درخواست جي ٻڌڻي ٿي،  سکر  ايس ايس پي سنگهار ملڪ پيش ٿيو،  ٻڌڻي دوران وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته  سکر پوليس 9 مهينا گذرڻ باوجود عدالتي حڪم تي اغوا ٿيل  فهميده لاشاري  کي پوليس  بازياب ناهي ڪرايو، سکر جي ايئرپورٽ ٿاڻي تي فهميده جي اغوا جو ڪيس داخل ٿيل آهي، پوليس وارثن تي دٻاءُ وجهي رهي آهي ته اغوا ٿي ويل فهميده جو قتل ڪيس داخل ڪرايو وڃي، وارثن جو چوڻ آھي ته  اسان جي نياڻي اغوا ٿي آهي، جيئري آهي يا نه ان بابت ڪا ڄاڻ ناهي پوءِ قتل ڪيس جي ايف آءِ آر اسان ڪيئن داخل ڪرايون، وڪيل جا عدالت ۾ دليل عدالت سڳوري ان بعد فهميده لاشاري واري  معاملي بابت ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ کي چئن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.