لاڙڪاڻي ۾ تازي ڄاول ٻار جو لاش هٿ، ايڌي وارن دفنائي ڇڏيو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو پيش آيو آهي، رائيس ڪئنال مان تازو ڄاول ٻار جو لاش هٿ، ايڌهي سينٽر وارن ٻار جي لاش کي لاوارث قرار ڏئي دفنائي ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه منجهند ڌاري لاڙڪاڻي شهر جي سول لائين ٿاڻي جي حد اولڊ بس اسٽينڊ وٽان گذرندڙ رائيس ڪئنال مان تازو ڄاول ٻار جو لاش ڏسي اتان گذرندڙ شهرين حد جي ٿاڻي جي پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو جنهن تي پوليس پهچي تازي ڄاول ٻار جو لاش ٻاهر ڪڍرائي ضروري ڪاروائي بعد ايڌهي رضاڪارن حوالي ڪري ڇڏيو جن طرفان لاش کي لاوارث قرار ڏيڻ بعد لاش کي غسل ۽ ڪفن ڏئي شهر ڀرسان دودائي قبرستان ۾ دفنائي ڇڏيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.