ڪوٽڏيجي ويجھو ميرواهه ڪئنال ۾ نوجوان وهنجندي ٻڏي فوت

ڪوٽڏيجي (ن ع آ) ڪوٽڏيجي جي درگاهه آدم سلطان بادشاهه جي رهواسي 35 سالا  مٺل پٽ ڌڻي بخش سومرو مير واھ ڪينال ۾ وھنجدي ٻڏي ويو جنھن کي مال چاريندڙ ڌنارن ٻڏندي ڏسي وارثن کي اطلاع ڪيو جنهن کان بعد وڏي انگ ۾ سنڌن وارث ۽ ڳوٺاڻن پهچي ڪري مقامي ٽوٻن ذريعي ڳولا ڪئي 4 ڪلاڪن بعد مقامي ٽوٻن مير واھ ڪينال مان نوجوان جو لاش ڪڍي تعلقه اسپتال ڪوٽڏيجي آندو ويو جتي ڊاڪٽر نوجوان جي فوت ٿيڻ ڪي تصديق ڪئي نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو سندس وارثن جو چوڻ هو ته نوجوان کي مرگهي جي بيماري هئي منجهند جو مير واھ ۾ تڙ ڪرڻ لاءِ ويو هو جيڪو ٻڏي فوت ٿي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.