”اوڌر جي ماءُ“ محمد علي پٺاڻ جو ڪتاب پڌرو

ڪراچي (پ ر) سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪ محمد علي پٺاڻ جو پنجويھون ڪتاب ”اوڌر جي ماءُ“ ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي. محمد علي پٺاڻ جو هي ڪتاب پيڪاڪ پبليڪيشن طرفان شايع ٿيو، سندس هن ڪتاب ۾ ٽي وي ڊرامن آهن. ڪتاب جو مهاڳ بيدل مسرور لکيو آهي، پيش لفظ ڊاڪٽر شير مھراڻيءَ ۽ ٻه اکر سڪندر عباسيءَ لکيا آهن. بيڪ ٽائيٽل ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ جون سٽون هن ڪتاب جي سونهن آهن. فليپ تي شاهه محمد پيرزادي ۽ ڄام صنم سنڌيءَ جا ريا شامل آهن. ڪتاب جو ٽائيٽل ڪپتان ابڙي جو پينٽ ٿيل آهي ۽ ارپنا ليکڪ پنھنجي سھري محمد ايوب پٺاڻ ۽ سس نواب خاتون کي ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.