سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ وڻن جي واڍيءَ تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس سعيد يوسف تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪراچي شهر ۾ رٿابندي تحت وڻن جي واڍيءَ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.درخواست گذار پنهنجي موقف ۾ چيو ته هڪ ڪيميڪل ذريعي وڻن کي سڪائي بعد ۾ واڍي ڪئي پئي وڃي .عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته هي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، وڻن جي واڍي برداشت نه ڪئي ويندي. عدالت سرڪاري وڪيل کان پچاڻو ڪيو ته ڪهڙو کاتو ذميوار آهي؟.ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته ڪمشنر ڪراچي کان پچاڻو ڪيو وڃي.عدالت چيو ته  ڪمشنر کي پنهنجي خبر نه آهي ته هو ڪيستائين عهدي تي آهي، کيس ڪهڙي خبر هوندي؟.درخواست گذار چيو ته واءِ ايم سي روڊ سميت اهم روڊن تان وڻن جي واڍيي ڪئي پئي وڃي، عدالتي نوٽيس وٺي وڻن جي واڍي بند ڪرائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.