ڪياماڙي گئس خارج ڪيس بند ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت رپورٽ طلب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس سعيد يوسف تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪياماڙي ۾ 2020ع دوران زهريلي گئس سان شهرين جي فوت ٿيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.سامونڊي جهاز هرڪوليس جي عملي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ واري ڪيس ۾ وڪيل چيو ته ڪجهه متاثرن جو ڪمپرومائز ٿي ويو آهي. هڪ درخواست گذار جو چوڻ هو ته هن جو گريجوئيٽ پٽ احسن فاروق ان واقعي ۾ فوت ٿي ويو،  داد رسي ٿي وئي آهي، ان ڪري ڪيس نه ٿاهلائن چاهيون. ايڊيشنل ايدووڪيت چيو ته صلح ٿي ويو آهي ته پوءِ ڪيس ختم ٿيڻ گهرجي.عدالت چيو ته هي مفاد عامه جو ڪيس آهي، ان ڪري سمورين ڌرين کي ٻڌي فيصلو ڪيو ويندو. عدالت لاڳاپيل ادارن کان چئن هفتن اندر رپورٽ گهري ورتي.ياد رهي ته ڪيا ماڙي ۾ 16فبيروري  2020ع تي هرڪوليس جهاز مان گئس خارج ٿيڻ تي 14شهري فوت ۽ 200 کان وڌيڪ بي هوش ٿي ويا هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.