سعودي ولي عهد هلندڙ مهيني پاڪستان جو دورو ڪندو

اسلام آباد(م ڊ)سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان هلندڙ مهيني پاڪستان جو دورو ڪندو.سفارتي ذريعن موجب محمد بن سلمان طرفان نومبر جي ٽئين هفتي ۾ پاڪستان جو دورو ڪرڻ جو امڪان آهي، هو 21 نومبر تي پاڪستان جو دورو ڪندو.سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته هلندڙ هفتي جي آخر ۾ سعودي جي خاص سيڪيورٽي ٽيم پاڪستان پهچندي ۽ سيڪيورٽي انتظامن جو حتمي جائزو وٺندي.سفارتي ذريعن موجب ولي عهد جي دوري ۾ پاڪستان کي 4.2 ارب ڊالرن جو واڌو بيل آئوٽ پيڪيج ملڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته دوري ۾ سعودي عرب جي پاڪستان ۾ مضبوط سيڙپڪاري جو امڪان آهي ۽ ڪيترن ئي پاڪ سعودي پيٽروليم معاهدن تي آخري شڪل ڏني پئي وڃي.سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته سعودي عرب طرفان پيٽروليم شعبي ۾ آئل ريفائنري قائم ڪرڻ جي معاهدي جو به امڪان آهي.ذريعن موجب سعودي عرب گوادر ۾ جديد آئل ريفائنري قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪندو، گوادر ۾ 10 ارب ڊالرن سان آئل ريفائنري لاءِ سعودي عرب چين سان گڏجي مدد ڪندو ۽ چيني ڪمپنيون منصوبو پورو ٿيڻ کانپوءِ شروعاتي طور ريفائنري هلائينديون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.