فوجي آفيسر سياسي پريس ڪانفرنس پيا ڪن، آءِ ايس پي آر جو دائرو متعين ڪريو: عمران جو صدر کي خط

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان صدر مملڪت عارف علوي کي خط لکي ڇڏيو آهي.اڳوڻي وزيراعظم طرفان صدر ڏانهن لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته گهرو وزير هر هر موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. پي ٽي آءِ قيادت توڻي ڪارڪن ڪوڙن الزامن، هراساني، بنا سبب گرفتارين ۽ حراست هيٺ تشدد جهڙن حربن کي منهن ڏئي رهيا آهن.عمران خان خط لکيو ته  جڏهن کان پي ٽي آءِ جي حڪومت کي ڪيرايو ويو، عوام تحريڪ انصاف جي حقيقي آزادي مارچ واري سڏ تي اُٿي کڙو ٿيو آهي.عمران خان خط ۾ ڄاڻايو آهي ته صدر پنهنجي قيادت ۾ ذميوارن جي تعين لاءِ جاچ ڪرائي ۽ ذميوارن جو حساب ڪتاب ڪري، هن لکيو ته آءِ ايس پي آر جي ڪم جو دائرو دفاعي ۽ عسڪري معاملن تي معلومات جاري ڪرڻ تائين محدود ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن صدر کي درخواست ڪئي ته هو آءِ ايس پي آر جي ڪم جي دائره ڪار جي تعين جي عمل جي شروعات ڪري، هن لکيو ته جڏهن کان پي ٽي آءِ حڪومت کي ڪيرايو ويو آهي، قوم منهنجي حقيقي آزادي جي سڏ تي بيهي چڪي آهي،هن چيو ته منهنجي وزيراعظم طور منهنجي، آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ وچ ۾ ڳالهيون ميڊيا کي جاري ڪري آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جون ڌڄيون اڏايون ويون، ان سان انتهائي اهم سوال جنم وٺي ٿو ته وزيراعظم جي محفوظ گفتگو تي نقب لڳائڻ جو ذميوار ڪير آهي، آمريڪا مان اسان جي سفير حڪومت جي تبديلي جي آمريڪي ڌمڪي تي مشتمل سائفر موڪليو، قومي سلامتي ڪميٽي اجلاس جي فيصلي تحت پرڏيهي آفيس آمريڪي سفير کي احتجاجي خط ( ڊي مارش) ڏيڻ جو فيصلو ڪيو پر 27 آڪٽوبر تي آءِ ايس پي آر ۽ آءِ ايس آءِ سربراهن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ قومي سلامتي ڪميٽي جي ٻنهي اجلاسن جي فيصلن کان هڪدم متضاد نقطه نظر اختيار ڪيو ويو، هن چيو ته سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ٻه فوجي آفيسر ڇو کلي عام قومي سلامتي ڪميٽي جي فيصلن کي رد ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته ان پريس ڪانفرنس سان انهن فوجي آفيسرن پاران ڄاڻي واڻي غلط بيانئي جي تخليق جي ڪوشش جو سنجيده ترين مسئلو به کڙو ٿئي ٿو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.