ڊالر 26 پئسا سستو، اوپن مارڪيٽ ۾ اگهه برقرار

ڪراچي (م ڊ) پاڪستاني رپئي نئين ڪاروباري هفتي جي شروعات مضبوطي سان ڪئي آهي، اڄ انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 26 پئسا سستو ٿيو آهي.انٽر بئنڪ مٽاسٽا مارڪيٽ ۾ ڊالر 26 پئسا سستو ٿي 221 رپيا 66 پئسا آهي، انٽر بئنڪ ۾ گذريل ڏينهن ڊالر 221 رپين 92 پئسن تي بند ٿيو هو.اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو قدر مسلسل ٽئين ڏينهن تبديل نه ٿيو، اوپن مارڪيٽ ۾ هڪ ڊالر 227 رپين 75 پئسن جو آهي.

عمر عبدالله کان پوءِ محبوبه مفتي پاران به اسيمبلي چونڊن جي بائيڪاٽ جو اعلان

سرينگر (م ڊ) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ نيشنل ڪانفرنس جي نائب صدر عمر عبدالله  کان پوءِ پيپلز ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي جي صدر محبوبه مفتي به مودي جي فرقيواراڻي حڪومت طرفان والاريل علائقي جي ثقافتي، سماجي ۽ سياسي سڃاڻپ کي خطري کي نظر ۾ رکندي اسيمبلي چونڊن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ان کان اڳ نيشنل ڪانفرنس جي صدر فاروق عبدالله اعلان ڪيو هو ته سندس پٽ عمر عبدالله ان وقت تائين اسيمبلي چونڊون نه وڙهندو

پنجاب جي وڏي وزير پاران 5 سالن جي ٻارڙي جي قتل جي واقعي جو نوٽيس

لاهور (م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي نوشهره ورڪان ۾ ڏاڍائيءَ بعد 5 سالن جي ٻارڙي جي قتل جي واقعي جو نوٽيس وٺندي آر پي او گوجرانوالا کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. وڏي وزير چيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي فوري گرفتاري جو حڪم ڏيندي جوابدارن کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻي وڌيڪ ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ متاثر خاندان کي هر صورت انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.