بحريا ٽائون وٽ ڪار کڏ ۾ ڪري پئي، 5 گهر ڀاتي فوت

ملير (ڊ ر) بحريا ٽائون ۾سپر هاءِ وي تي تيز رفتار ڪار اونهي کڏ ۾ ڪرڻ جي نتيجي ۾ هڪ ئي گهر جا پنج ڀاتي فوت ٿي ويا. فوتين ۾ ٻه عورتون، ٻه ٻارڙا پڻ شامل هئا جڏهن ته هڪ عورت شديد زخمي ٿي پئي، فوتين ۾ 40 ورهين جي صائمه احمد، 48 ورهين جي فهميدا نعيم، 14 ورهين جو عبدالله شريف، 13 ورهين جو حماد  احمد ۽ 45 ورهين جو احمر شريف شامل هئا جڏهن ته 21 ورهين جي عبيعه شديد زخمي ٿي پئي، جنهن کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو. فوتي ملير هالٽ جي علائقي جا رهواسي هئا، جيڪي بحريا ٽائون گهمڻ لاءِ ويا، جتي تيز رفتاري سبب ڪار ڪنٽرول مان نڪرڻ بعد اونهي کڏ ۾ ڪري پئي. فوتين جا لاش ۽ زخمي کي ضروري ڪارروائي بعد عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، جن جي تدفين ملير هالٽ ويجهو قبرستان ۾ ڪئي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.