شهيد جو خون رائيگان نه ويندو، پوليسنگ کي اثرائتو بڻائي ڏوهن جو خاتمو آڻيندسين: آءِ جي سنڌ

آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته روانتي واقعي ۾ شهيد ٿي ويل سنڌ پوليس جي جوانن تي فخر آهي، سندن خون رائيگان نه ويندو، پوليسنگ کي اثرائتو بڻائي ڏوهن جو خاتمو آندو ويندو.

آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ميرپورماٿيلو پهچي ايس ايس پي ۽ ٻين پوليس عملدارن سان ملاقات ڪئي، جتي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي شهيدن جو خون رائگان نه ويندو، حوصلا بلند آهن.

هن چيو ته شهيد ٿي ويل جوانن تي فخر آهي، سندن خاندان سان گڏ آهيون، ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته پوليس کي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

آءِ جي سنڌ چيو ته پوليس ڏوهارين سان وڙهڻ جي مهارت رکي ٿي، ڏوهارين خلاف آپريشن بند ناهي ٿيو، پوليسنگ کي وڌيڪ اثرائتو بڻائي ڏوهن جو خاتمو آندو ويندو.

سنڌ پوليس جي سربراهه وڌيڪ چيو ته شهيدن جي خون سدائين ملڪ ۽ قوم جي عزت ۾ واڌ ڪئي آهي، ڏوهارين جا ارادا مٽي ۾ ملايا ويندا، جڏهن ته پوليس ۾ رهي ڏوهارين جو ساٿ ڏيندڙ جون نوڪريون ختم ڪيون وينديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.