ايم ڪيو ايم سان ڪيل معاهدو پورو ڪنداسين: شرجيل ميمڻ

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته اتحادي جماعتون ادارن سان گڏ بيٺيون آهن.

ڪراچي ۾ وزيراعليٰ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته تحريڪ انصاف ٻوڏ متاثرن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڪيو.

هن چيو ته عمران خان پاڪستان ۽ اهم ادارن خلاف ڪِريل سازش ڪري رهيو آهي، ملڪ ۾ ڏڦيڙ ڪرائڻ چاهي ٿو، اتحادي جماعتون ادارن سان گڏ بيٺيون آهن.

اتحادي جماعت ايم ڪيو ايم سان معاهدي بابت شرجيل ميمڻ چيو ته ايم ڪيو ايم سان ڪيل معاهدو پورو ڪنداسين، پ پ ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ ڪيترن ئي نڪتن تي اتفاق آهي.

سندس چوڻ هو ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ سنڌ حڪومت ڪم ڪري رهي آهي ۽ ايم ڪيو ايم به متاثرن جي بحالي لاءِ اسان سان گڏ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.