عدد ڇهه (6)

 

جيڪي ماڻهو سال جي ڪنهن به مهيني جي 6، 15 يا 24 تاريخ تي پيدا ٿين، انهن جو عدد 6 آهي.

لڪي تاريخ ۽ ڏينهن

6، 15، 24 تاريخ انهن لاءِ سٺيون آهن، انهن ئي تاريخن تي ڪم انجام ڏين، جمعو انهن لاءِ ڀلارو ڏينهن آهي، خاص طور تي اهو جيڪڏهن 6، 15 ۽ 24 تاريخ تي اچي.

اهم سال ۽ مهينا

15هون، 24هون، 51هون ۽ 60هون سال انهن لاءِ اهم آهن، جن مهينن ۾ کين صحت جو خيال رکڻ گهرجي، اهي مئي، آڪٽوبر ۽ نومبر آهن.

لڪي رنگ ۽ پٿر

هر قسم جو نيرو، گلابي رنگ انهن لاءِ سٺو آهي، ڪاري ۽ قرمزي رنگن کان صفا پاسو ڪن، ڳاڙهي رنگ کان پرهيز به مناسب آهي، انهن لاءِ ڀاڳ وارو پٿر فيروزه ۽ زمرد آهن.

شخصيت جون خوبيون ۽ خاميون

عدد 6 زهرا گرهه جي نمائندگي ڪندو آهي، جيڪو پنهنجون خاصيتون رکي ٿو.

  • اهي ماڻهو مقناطيسي شخصيت جا مالڪ هوندا آهن ۽ وڏا پرڪشش ۽ ٻين کي متاثر ڪندڙ هوندا آهن.
  • انهن ۾ ايڏي ڪشش هوندي آهي ته جو ٻيا کين پرستش جي حد تائين چاهڻ لڳندا اهن.
  • انهن کي مداخلت پسند ناهي، جيڪڏهن ڪاوڙ ۾ اچي وڃن ته کين پرچائڻ سولو ناهي.
  • اهي دنيا ۾ پنهنجي شهرت ۽ مقام جي حوالي سان گهڻا حساس هوندا آهن.
  • اهي ڀائرن، ڀينرن، پاڙيسرين جي حوالي سان همدرد هوندا آهن، ڀلي اهي کانئن پري ڇو نه هليا وڃن.
  • ان عدد وارا زندگي جي حقيقتن کان ڪڏهن منهن ناهن موڙيندا.
  • انهن ۾ صلاحيت هوندي آهي ته فضول ۽ بيڪار شين کي ڪارآمد بڻائين.

عدد 6 رکندڙ عورتون

  • ان عدد وارين عورتن ۾ وڏو حوصلو هوندو، کين ڪا تڪليف جهڪائي نه سگهندي.
  • انهن عورتن ۾ اهڙيون خوبيون هونديون آهن جو هر مرد سندن چاهيندڙ بڻجي وينديو آهي.
  • اهي دوستن جي ڏک سک جون ساٿي هونديون آهن.
  • اهي وڏيون جذباتي هونديون آهن، جنهن کي پسند ڪن، ان لاءِ ڪجهه به ڪري سگهن ٿيون.
  • اها عورت ڪڏهن نه چاهيندي ته سندس مڙس ٻي ڪنهن عورت کي پسند ڪري.
  • اهي سٺيون زالون هونديون آهن، پنهنجي مڙس جي راز کي ڪڏهن ڪنهن جي سامهون ناهن آڻينديون.
  • اهي فتح ۽ شڪست بدران ٻنهي پاسن ۾ توازن قائم رکنديون آهن.
You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.