رومن رينز سان اچائيندڙ همراهه گوڏو ڀڃرائي ويٺو !

رياض (ويب ڊيسڪ) مشهور يوٽيوبر لوگن پال سعودي عرب ۾ ريسلنگ ميچ دوران گوڏو ڀڃرائي ويٺو.

ڇنڇر تي ۾ WWE يونيفيڊ يونيورسل چيمپيئن شپ لاءِ رومن رينز خلاف ميچ دوران هن رنگ مٿان ٽپو ڏنو ته سندس ڄنگهه ڀڃي پئي.

لوگن پال زخمي ٿيڻ کانپوءِ ويل چيئر جي سهاري سعودي عرب روانو ٿي ويو آهي ۽ امڪان آهي ته ڪيترائي مهينا کيس ٺيڪ ٿيڻ ۾ لڳي ويندا.

27 سالن جي لوگن پال پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته منهنجو گوڏو به زخمي ٿيو آهي، هن گوڏي جي تصوير به ڏيکاري.

پال ان کان اڳ رومن رينز کان پنهنجي ٽين ميچ هارائي چڪو هو جڏهن ته لوگن پال جي ڀاءُ جيڪ پال، ريسلنگ دوران حيرت انگيز ڪارڪردگي ڏيکاري هئي.

ان کان علاوه WWE سپر اسٽارز بروڪ ليزنر ۽ بوبي ليشلي جي وچ ۾ ٿيل ميچ ۾ به بروک ليسنر کٽي ويو، ريسلنگ ميچن ۾ عورت رانديگرياڻين مان هڪ ميچ ڊيڪوٽا ڪائي ۽ آئيو اسڪائي جي ٽيم کٽي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.