دنيا جي ڪُل آبادي ڪيتري آهي؟ گڏيل قومن جي اهم رپورٽ سامهون اچي وئي

 

2021 ۾ عالمي آبادي جو اندازو 7.837 ارب لڳايو ويو هو، جڏهن ته هاڻ گڏيل قومن ٻڌايو آهي ته 15 نومبر 2022 تائين دنيا جي آبادي 8 ارب ٿي ويندي ۽ ايندڙ ڏهاڪن ۾ ان ۾ واڌ ٿيندي رهندي.

گڏيل قومن جي پاپوليشن ڊويزن جو چوڻ آهي ته عالمي آبادي جو موجوده انگ 1950 ۾ 2.5 ارب عالمي آبادي جي ڀيٽ ۾ ٽيڻ کان به وڌيڪ آهي، جڏهن ته پاڪستان انهن 8 ملڪن ۾ شامل آهي، جيڪي سڀ کان وڌيڪ آبادي وڌائيندڙ ملڪ آهن.

گڏيل قومن جي پاپوليشن فنڊ جي برانچ چيف ريچل سنو موجب 1960 جي ڏهاڪي جي منڍ ۾ پنهنجي عروج کانپوءِ دنيا جي آبادي ۾ واڌ جي شرح ۾ ڊرامائي طور گهٽتائي ٿي.

امڪاني عمر ۾ واڌ سان گڏوگڏ ٻار پيدا ڪرڻ جي عمر جي ماڻهن جي انگ کي ڏسندي گڏيل قومن اندازو لڳايو آهي ته آبادي 2030 ۾ تقريبن 8.5 ارب، 2050 ۾ 9.7 ارب ۽ 2080 جي ڏهاڪي ۾ تقريبن 10.4 اربن تائين پهچي سگهي ٿي.

سالياني واڌ 1962 ۽ 1965 جي وچ ۾ 2.1 سيڪڙو جي بلند ترين سطح تان ڪِري 2020 ۾ هڪ سيڪڙو کان گهٽ ٿي وئي، گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته فرٽيليٽي شرح ۾ مسلسل گهٽتائي سبب 2050 تائين اهو انگ امڪاني طور 0.5 سيڪڙو تائين ڪِري سگهي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.