پي ٽي آءِ لانگ مارچ جي تاريخ هڪ ڀيرو ٻيهر تبديل ڪري ڇڏي

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف لانگ مارچ جي تاريخ هڪ ڀيرو ٻيهر تبديل ڪري ڇڏي.

عمران خان ڪالهه اعلان ڪيو هو ته مارچ اڱاري کان ٻيهر شروع ٿيندو پر اڄ تحريڪ انصاف چيئرمين چيو ته لانگ مارچ اڱاري کان نه اربع کان شروع ٿيندو.

هاڻ وري تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته لانگ مارچ خميس کان شروع ٿيندو.

ان کان اڳ سندس چوڻ هو ته عمران خان جي هدايت تي لانگ مارچ اڱاري کان شروع ٿيندو.

لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اڳوڻي پرڏيهي وزير چيو ته لانگ مارچ ان ئي هنڌان شروع ٿيندو، جتي عمران خان تي قاتلاڻو حملو ٿيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.