اشنا شاهه شوبز جو وڏو راز فاش ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور اداڪارا اشنا شاهه شوبز انڊسٽري ۾ ٿيندڙ فراڊ جو انڪشاف ڪندي وڏو راز وائکو ڪري ڇڏيو آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پيغام جاري ڪندي اشنا شاهه لکيو ته مان توهان کي انڊسٽري جو راز ٻڌايان؟ اڪثر ماڻهو ان ۾ فراڊ ڪندا آهن، ماڻهو نه ٻڌائيندا آهن ۽ نه ئي ڏيکاريندا آهن ته اهي ڇا آهن، پي آر ڪمپنيون بيانيو ٺاهينديون آهن ۽ ماڻهو ان پاسي ڊوڙيندا آهن جتي هجوم هوندا آهن.

هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ اداڪارا لکيو ته ”اوچتو مون کي اِهو خيال آيو ته ٺڳي ڪا معمولي ڳالهه ناهي پر ان جي پاڙ هر قسم جي شو بزنس ۾ آهي، کڻي اها فلم هجي، ٽي وي هجي، فلاحي ڪم هجي يا راندين جو، ٺڳي مايوسي جوڳي حد تائين وڌي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.