سائنسدانن جي وڏي ڪاميابي، ليبارٽري ۾ تيار ڪيل رت جو انسانن ۾ استعمال

لنڊن (ويب ڊيسڪ)دنيا ۾ پهريون ڀيرو ليبارٽري ۾ تيار ڪيل رت کي ماڻهن ۾ منتقل ڪرڻ واري ڪلينيڪل ٽرائل جي شروعات ڪئي پئي وڃي.

برطانيا جي برسٽل يونيورسٽي جي ان تجربي ۾ ليبارٽري ۾ تيار ڪيل رت جي ڳاڙهن جزن کي رضاڪارن جي جسم ۾ منتقل ڪيو ويندو.

جيڪڏهن رت داخل ڪرڻ وارو اهو تجربو ڪامياب ٿي ويو ته ٿيليسيميا سميت رت جي ٻين بيمارين جي علاج ۾ وڏي اڳڀرائي ثابت ٿيندي.

رت جا گهرڙا ماڻهن جي عطيو ڪيل اسٽيم سيل مان ئي تيار ڪيا ويا آهن ۽ تجرباتي طور تي انهن جو تمام گهٽ مقدار رضاڪارن جي جسم ۾ اماڻيو ويندو.

ان ٽرائل ۾ اهو ڏٺو ويندو ته ليبارٽري ۾ تيار ڪيل رت جي سيلن جي زندگي ڪيتري هوندي.

اهڙي تجربن جو بنيادي مقصد رت جي ناياب قسم واري گروپن کي ٺاهڻ آهي ته جيئن ضرورت دوران ڪو به مريض رت نه ملڻ جي ڪري زندگي نه وڃائي ويهي.

ماهرن موجب اها اسٽيم سيل مان تيار ڪيل رت وارو تجربو ڪنهن چيلينج کان گهٽ ناهي، اهو تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿي رهيو آهي ته ليبارٽري ۾ تيار ڪيل رت جو استعمال ڪيو ويندو ۽ اسان اهو ڏسنداسين ته اهو طريقو ڪيتري حد تائين فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو.

هن وقت تائين ٻن صحتمند رضاڪارن جي جسم ۾ انهن ڳاڙهن سيلن کي منتقل ڪيو ويو آهي ۽ ڪو به صحت لاءِ نقصانڪار اثر سامهون ناهي آيو.

ماهرن اميد ظاهر ڪئي آهي ته ليبارٽري ۾ تيار ڪيل رت جي ڳاڙهن جزن جي زندگي عطيو ڪيل رت کان وڏي هوندي.

هنن اهو ٻڌايو ته جيڪڏهن اسان جو تجربو ڪامياب ٿئي ٿو ته جن ماڻهن کي ڊگهي عرصي تائين رت جي گهڻي ضرورت هوندي آهي انهن کي اها ضرورت گهٽ پوندي.

ماهرن ليبارٽري ۾ رت تيار ڪرڻ جي لاءِ ماڻهن جي عطيو ڪيل رت مان اسٽيم سيل کنيا ۽ هڪ نيوٽرينٽ ساليوشن ۾ ارڙهن کان ايڪويهه ڏينهن تائين رکيا، جنهن سان انهن جي انگ ۾ واڌ ٿي.

تجربن دوران جن ماڻهن جي جسم ۾ انهن سيلن کي داخل ڪيو ويندو انهن جي رت جي نمونن جو جائزو ڇهن مهينن کانپوءِ ٻيهر ورتو ويندو.

اهڙن تجربن دوران گهٽ ۾ گهٽ ڏهه ماڻهن ۾ ٻه ڀيرا رت کي چئن مهينن جي وقفي سان اماڻيو ويندو.هڪ ڀيرو انساني رت جي جزن جڏهن ته ٻيو ڀيرو ليبارٽري ۾ تيار ڪيل رت جي جزن کي استعمال ڪيو ويندو ته جيئن خبر پئجي سگهي ته ٻنهي قسمن جا سيل جسم ۾ اندر ڪيستائين جيئرا رهي سگهن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.