سلينا گومز ڪيترائي ڀيرا آپگهات ڪرڻ جو سوچيو پر ڇو؟

 

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) مشهور آمريڪي ڳائڻي ۽ اداڪارا سلينا گومز انڪشاف ڪيو آهي ته مان گهڻو عرصو ڊپريشن جو شڪار رهيس ۽ ان دوران ڪيترائي ڀيرا آپگهات ڪرڻ جو به سوچيو پر ناڪام رهيس.

ذهني صحت جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان رکيل هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي سلينا گومز چيو ته 2018 ۾ ڊپريشن جو شڪار ٿيس ۽ 2020 تائين ذهني مسئلن ۾ ڦاٿل رهيس پر اهو مڃڻ لاءِ تيار نه هيس ته مون سان ڪو ذهني مسئلو آهي.

هن ٻڌايو ته منهنجو ڊپريشن ايتري قدر سنگين ٿي ويو هو جو مان ڳالهائڻ دوران وڦلندي هيس، مان ڪيترو ئي عرصو ائين گذارڻ کانپوءِ وڏي ڏکيائي سان ان حقيقت کي تسليم ڪيو ته ڊپريشن جي مريض آهيان.

سندس موجب هڪ وقت اهڙو آيو جو مون کي لڳندو هو ته مري وينديس ۽ مان ڪيترائي ڀيرا آپگهات جو ارادو به ڪيو پر دل نه ٻڌي سگهيس.

سلينا گومز چيو ته وڏو عرصو ڊپريشن جو علاج ڪرائڻ باوجود ڪو به فرق نه پوڻ تي هڪ ڏينهن مشهور اسپتال جو دورو ڪيو، جتي هڪ ماهر سڀ دوائون بند ڪري رڳو ٻه دوائون ڏنيون ۽ پوءِ آهستي آهستي مان ٺيڪ ٿيندي ويس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.