سيمي فائنل ۾ انگلينڊ کي هارائڻ لاءِ ڀارتي ڪپتان پلان تيار ڪري ورتو

ميلبورن ( ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪپتان روهت شرما سيمي فائنل ۾ انگلش ٽيم کي سٺو چئلينج قرار ڏئي ڇڏيو.

زمبابوي خلاف ميچ کٽڻ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي روهت شرما چيو ته ٽيم جي گڏيل ڪاوشن سان زمبابوي کي شڪست ڏني، جيتوڻيڪ ميچ کان اڳ اسان سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري چڪا هئاسين پر پر اهو گهڻو اهم هو ته اسان جهڙي قسم جي ڪرڪيٽ کيڏڻ پئي چاهي ائين اچي کيڏي.

ڀارتي ڪپتان سوريه ڪمار جي ساراهه ڪندي چيو ته هو ٽيم لاءِ جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي اهو بهترين آهي، هو بيٽر طور دٻاءُ ۾ سٺو کيڏي رهيو آهي، اهو ٽيم لاءِ گهڻو اهم آهي.

انگلش ٽيم سان سيمي فائنل تي ڳالهائيندي هن چيو ته  اسان لاءِ سڀ کان اهم شيءِ جلد کان جلد ڪنڊيشنز سان هم اهنگ ٿيڻ آهي ايڊيليڊ ۾ کيڏي چڪا آهيون، اسان لاءِ انگلينڊ هڪ سٺو چئلينج هوندو، هو سٺي ڪرڪيٽ کيڏي رهيا آهن، ٻه سٺيون ٽيمون آمهون سامهون هونديون.

ڀارتي ڪپتان وڌيڪ چيو ته اها هڪ دٻاءُ سان ڀرپور ميچ هوندي، سٺو کيڏڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن اسان هتي سٺو کيڏون ٿا ته اتي به سٺو کيڏي ڏيکارينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.