عمران خان پنهنجي لکيل درخواست موجب ايف آءِ آر داخل ٿيڻ جو خواهشمند

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان قاتلاڻي حملي خلاف پنهنجي لکيل درخواست موجب ايف آءِ آر جو خواهشمند آهي.

وزيرآباد ۾ عمران خان تي حملي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي معاملي تي تحريڪ انصاف چيئرمين سان پارٽي اڳواڻن جي ملاقات ٿي.

ان موقعي تي واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ ۾ دير ۽ سپريم ڪورٽ طرفان ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ پنجاب پوليس کي جاري هدايتن تي به غور ڪيو ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان پنهنجي لکيل درخواست موجب ايف آءِ آر جو خواهشمند آهي.

عمران خان چيو آهي ته اسان درخواست ۾ جوابدار نامزد ڪري چڪا آهيون، انهن خلاف ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.