آءِ سي سي تڪراري فيصلا ڏيندڙ اراسمس کي پاڪستان جي سيمي فائنل ۾ ايمپائر مقرر ڪري ڇڏيو

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي سيمي فائنلز لاءِ ميچ آفيشلز جو اعلان ڪيوويو آهي.

آسٽريليا ۾ جاري ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي سپر 12 مرحلو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ سيمي فائنل لاءِ چئن ٽيمن جو لائين اپ مڪمل ٿي چڪو آهي، گروپ ون مان نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ جڏهن ته گروپ ٽو مان پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون سپر فور مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري چڪيون آهن.

هاڻ آءِ سي سي ٻنهي سيمي فائنلز لاءِ ميچ آفيشلز جي نالن جو اعلان پڻ ڪري ڇڏيو آهي.

پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ پهرين سيمي فائنل لاءِ ڏکڻ آفريڪا ماريس اراسمس ۽ رچرڊ النگورٿ فيلڊ ايمپائر هوندا، رچرڊ ڪيٽلبرا ٿرڊ ايمپائر ۽ مائيڪل گِف فورٿ ايمپائر مقرر هوندو، ماريس ايراسمس عالمي ڪپ ۾ تڪراري فيصلن سبب تنقيد جو شڪار رهيو آهي.

پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي سيمي فائنل ۾ ڪراس براڊ ميچ ريفري هوندو.

ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جو ٻيو سيمي فائنل ڀارت ۽ انگلينڊ وچ کيڏيو ويندي، جنهن ۾ ڪمار ڌرماسينا ۽ پال ريفل ايمپائر جون ذميواريون نڀائيندو.

ايڊيليڊ ۾ رٿيل ٻئي سيمي فائنل لاءِ ڪراس گفاني کي ٿرڊ ايمپائر ۽ روڊ ٽڪر کي فورٿ ايمپائر مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڊيوڊ بون ميچ ريفري هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.