آءِ سي سي پليئر آف دي منٿ جو اعلان ڪري ڇڏيو

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽر ورات ڪوهلي آڪٽوبر جي بهترين ڪرڪيٽر جو ايوارڊ کٽي ورتو آهي.

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل آڪٽوبر جي پليئر آف دي منٿ جو اعلان ڪيو جيڪو ڀارت جي اڳوڻي ڪپتان  ورات ڪوهلي جي نالي رهيو.

ان ايوارڊ لاءِ زمبابوي جي سڪندر رضا ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ڊيوڊ ملر کي به نامزد ڪيو ويو هو.

آءِ سي سي ايوارڊ ملڻ تي ورات ڪوهلي چيو ته آءِ سي سي پليئر آف دي منٿ لاءِ چونڊجڻ مون لاءِ اعزاز آهي، مان ايوارڊ لاءِ نامزد ڪرڻ تي پنهنجي ٽيم جي ميمبرن سميت سمورن رانديگرن کي به ڀيٽا پيش ڪريان ٿو ته جنهن مونکي سپورٽ ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.