” گهرو وزير هر هر موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي“ عمران خان، صدر کي خط لکي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان صدر مملڪت عارف علوي کي خط لکي ڇڏيو آهي.

اڳوڻي وزيراعظم طرفان صدر ڏانهن لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته گهرو وزير هر هر موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. پي ٽي آءِ قيادت توڻي ڪارڪن ڪوڙن الزامن، هرساني، بنا سبب گرفتارين ۽ حراست هيٺ تشدد جهڙن حربن کي منهن ڏئي رهيا آهن.

عمران خان خط ۾ جڏهن کان پي ٽي آءِ جي حڪومت کي ڪيرايو ويو، عوام تحريڪ انصاف جي حقيقي آزادي مارچ واري سڏ تي اُٿي کڙو ٿيو آهي.

عمران خان خط ۾ ڄاڻايو آهي ته صدر پنهنجي قيادت ۾ ذميوارن جي تعين لاءِ جاچ ڪرائي ۽ ذميوارن جو حساب ڪتاب ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.