پاڪستان سيمي فائنل ۾، نيوزيلينڊ جي اهم رانديگر کي ڳڻتي ورائي وئي

سڊني ( ويب ڊيسڪ ) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر ٽم سائوٿي ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي سيمي فائنل ۾ لاءِ پاڪستان کي هڪ خطرناڪ ٽيم قرار ڏئي ڇڏيو .

پرڏيهي ميڊيا موجب ٽِم سائوٿي چيو ته جڏهن ٽيم ٽاپ فور لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ويندي آهي ته اڳتي وڌڻ جو موقعو هر ٽيم وٽ هوندو آهي، اسان ويجهڙائي ۾ پاڪستان سان ميچون کيڏيون آهن ۽ ڄاڻو ٿا ته پاڪستان هڪ خطرناڪ ٽيم آهي.

ڪيوي فاسٽ بالر چيو ته پاڪستان ٽيم شايد سوچي رهي آهي ته انهن وٽ موقعو نه آهي پر انهن هڪ وڌيڪ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي.

هن چيڳ ته پاڪستان ٽيم سيمي فائنل ۾ هڪ وڏو خطرو هوندي، پاڪستان هڪ معياري ٽيم آهي ۽ اسان اڳتي نڪرڻ لاءِ ان کي هارائڻو پوندو.

هن وڌيڪ چيو ته راند هڪ دلچسپ راند آهي، اميد آهي ته جنهن نموني کيڏي رهيا آهيون ائين ئي سيمي فائنل ۾ به سٺي ڪارڪردگي جاري رکون.

ياد رهي ته پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جو سيمي فائنل نوَ نومبر تي ٿيندو جڏهن ته ڏهه نومبر تي ٻئي سيمي فائنل ۾ ڀارت ۽ انگلينڊ جون ٽيمون مهاڏو اٽڪائينديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.