لڳي ٿو جڊيشل ڪمپليڪس ۾ ججن جو وڊيو به هونديون: فواد چوڌري

لاهور( م ڊ) تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته جنهن طريقي سان جڊيشل ڪمپليڪس ۾ اعظم سواتي جي وڊيو بڻائي وئي آهي، اهڙي طرح اتي ڪيترائي جج رهن ٿا، انهن جون وڊيو به ٺاهيون ويون هونديون. لاهور ۾ شوڪت خانم ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته عدالتي ڪميشن ٺهڻ سٺي ڳالهه آهي پر شهباز سميت 3 ڄڻا استعيفيٰ ڏين. ٽن ڄڻن جي موجودگي ۾ جاچ اڳتي نه وڌي سگهندي. هن چيو ته عدالتي ڪميشن قاتلاڻي حملي، سواتي سان پيش آيل واقعي ۽ ارشد شريف قتل جي جاچ ڪري. هن چيو ته عمران خان اسپتال مان گهر پهچڻ بعد اتان ئي لانگ مارچ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جتان کيس قتل جي ڪوشش ڪئي وئي.  ٽي وي چينلن تي وزيراعظم ۽ گهرو وزير خلاف ڳالهه هلي ٿي، جن کان شڪايت آهي انهن بابت ڳالهائڻ تي بندش آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.