ڪراچي ۾ پاڪ فوج جي حمايت ۾ ريلي

ڪراچي (رپورٽر) پيٽرياٽڪ يوٿ آف پاڪستان پاران پاڪستان جي فوج سان محبت ۽ يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪراچي جي مختلف هنڌن تان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سمورن محب وطن پاڪستانين هن ريلي ۾ شرڪت ڪري پنهنجي حب الوطني جو ثبوت ڏنو ۽ دشمن عناصر کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ ۾ اسان جو ساٿ ڏنو ۽ هن ريلي کي ڪامياب بڻايو. ريلي ۾ مرڪزي چيئرمين شجيع فريدي ۽ مرڪزي صدر حمزه صديقي، نصرالله ڀان، جنرل سيڪريٽري ضلع ڪورنگي سيد غلام رضا شاهه، صدر ضلعي ڪورنگي نديم عباسي، انفارميشن سيڪريٽري ضلع ڪورنگي شفقت نيازي، نائب صدر ضلعي ڪورنگي منصور ميمڻ. محمد احسان شاهد پرويز ڪاشان ۽ ٻين اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي چيئرمين شجيع فريدي چيو ته اسان هر محاذ تي پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهيون، ڪجهه ڏينهن کان ڏٺو پيو وڃي ته ملڪ اندر ڪيترائي دشمن عناصر سوشل ميڊيا ۽ ملڪ ۾ مختلف هنڌن تي پاڪ فوج خلاف نعرا هڻي رهيا آهن ۽ زهر اوڳاڇي رهيا آهن ۽ پاڪ فوج خلاف نفرت ۽ پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته دفاعي ادارا ۽ انٽيليجنس ايجنسيون رات ڏينهن اشتعال انگيز مواد پکيڙڻ ۾ مصروف آهن، مان انهن سڀني ملڪ دشمن گروهن کي واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته اسان جي عوام، اسان هر موڙ تي پنهنجي پاڪ فوج سان گڏ بيٺا آهيون ۽ پاڪ فوج ملڪ جي ٻار ٻار جي دل ۾ رهندي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.