سپريم ڪورٽ پاران اعظم سواتي جي جڊيشل ريسٽ هائوس ۾ ترسڻ جي ترديد

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جڊيشل ريسٽ هائوس ۾ اعظم سواتي جي ترسڻ جي ترديد ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ جي پڌرائيءَ موجب جڊيشل ريسٽ هائوس ڪوئيٽا جو انتظام رجسٽرار آفيس سپريم ڪورٽ وٽ آهي، جڊيشل ريسٽ هائوس ۾ رڳو موجوده ۽ رٽائرڊ جج رهي سگهن ٿا. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته اعظم سواتي سپريم ڪورٽ ريسٽ هائوس ڪوئيٽا ۾ ڪڏهن نه ترسيو. هن چيو ته  اسپيشل برانچ بلوچستان موجب اعظم سواتي بلوچستان جڊيشل ڪامپليڪس ۾ رهيو آهي ۽ بلوچستان جڊيشل ڪامپليڪس سپريم ڪورٽ جي ڪنٽرول ۾ ناهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي جڊيشل لاجز ڪوئيٽا ۾ اعتراض جوڳي وڊيو رڪارڊنگ جو الزام هنيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.