وڏو وزير سکر پهتو، پوليس آفيسرن ۽ اھلڪارن جي شھادت جو نوٽيس، نفري وڌائڻ جي هدايت

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ پاران گھوٽڪيءَ ۾ ڌاڙيلن جي حملي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اھلڪارن جي شھادت جو نوٽس وٺندي آءِ جي پوليس کان تفصيلي رپورٽ گھري ورتي آھي. ھن وڌيڪ چيو تھ اھو واقعو ڪيئن ٿيو؟ مونکي واقعي جي تفصيلي رپورٽ ڏني وڃي. وڏي وزير ڌاڙيلن خلاف ڀرپور آپريشن جي ھدايت ڏيندي چيو تھ مونکي پوليس اھلڪارن جا قاتل ڪنھن بھ صورت گرفتار گھرجن. سيد مراد علي شاھھ چيو تھ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ پوليس جون قربانيون وسارڻ جوڳيون نھ آھن. ھن وڌيڪ چيو تھ شھيد پوليس آفيسرن ۽ اھلڪارن جي جرئت کي سلام ڪيان ٿو. وڏي وزير شھيد پوليس آفيسرن ۽ اھلڪارن جي گھرڀاتين سان گھري ڏک جو اظھار ڪيو آھي.  هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ جي صدارت ۾ ڊي آءِ جي آفيس ۾ امن امان بابت اھم اجلاس ٿيو.  اجلاس ۾ آءِ جي پوليس، ڊي آءِ جي سکر، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پيز، گھوٽڪي، سکر، خيرپور شريڪ ٿيا. سينيٽر مھتاب ڏھر. ايم اين اي نعمان اسلام، ڪمشنر سکر، ڊپٽي ڪمشنرز اجلاس ۾ موجود هئا. وڏي وزير گھوٽڪي، خيرپور. لاڙڪاڻي، شڪارپور ۽ ڪشمور جي ڪچي وارن علائقن جي پوليس ٿاڻن جي نفري ۾ واڌ جي ھدايت  ڪئي، وڏي وزير ڪچي وارن علائقن ۾ ڊيوٽي ڏيندڙ پوليس اھلڪارن کي ڪچو الائونس ڏيڻ لاءِ آءِ جي پوليس کي پرپوزل ڏيڻ جي ھدايت ڪئي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.