ڌاڙيلن کي اڳواٽ اطلاع هجڻ جو انڪشاف، پوليس جي لانچر ڪم نه ڪيو

ڪراچي (م ڊ) گهوٽڪي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي حملا جا نوان تفصيل سامهون اچي ويا آهن. ذريعن موجب پوليس گذريل ڪجهه ڏينهن اڳ ڌاڙيل سلطو شر کي ماريو هو، ڌاڙيل سلطو شر جي ويجهي مائٽ جي گرفتاري لاءِ ڪچي ويجهو ڇاپي جي رٿابندي ڪئي وئي هئي، ڌاڙيلن کي اڳواٽ پوليس جي ڇاپي جي خبر پئجي وئي هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ اوز جي نگراني ۾ 3 بڪتربند گاڏين ۾ پهچي وئي، پوليس جي پهچندي ئي ڌاڙيلن راڪيٽ لانچر فائر ڪيا ۽ جڏهن ته پوليس جي راڪيٽ لانچر ڪم نه ڪيو ته ڌاڙيلن کين گهيري ورتو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس اهلڪار حملي لاءِ تيار نه هئا، پهرين ئي حملي ۾ ڊي ايس پي، ايس ايڇ او ۽ اهلڪار شهيد ٿيا.ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ڪجهه پوليس اهلڪارن ڀڄي پنهنجي جان بچائي جڏهن ته ڪجهه پوليس اهلڪارن کي ڌاڙيلن يرغمال بڻائي ورتو.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.