ڏوهاري سلطو شر ۽ ساٿي کي مارڻ بعد پوليس ۽ ڌاڙيلن ڇڪتاڻ پيدا ٿي

گهوٽڪي: ڪجهه وقت اڳ پوليس پاران رونتي جي بدنام ڏوهاري سلطو شر ۽ ساٿي کي مقابلي ۾ مارڻ بعد پوليس ۽ ڌاڙيلن جي مختلف ٽولن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي هئي، ڌاڙيلن  جي مختلف ٽولن پاران سوشل ميڊيا ذريعي سلطو شر ۽ ساٿين جي مارجڻ جو پوليس کان پلاند وٺڻ جا ويڊيوز پڻ جاري ڪيا ويا هئا.

حملي ۾ ڌاڙيل راهب شر ۽ ساٿي ملوث، رحيم يار خان ۽ راجنپور جا ڌاڙيل به شامل

ميرپورماٿيلو: گھوٽڪي پوليس جي پارٽي مٿان حملو ڪندڙ ڌاڙيل راھب شر ۽ سندس ساٿي ٻڌايا پيا وڃن.رانئوتي جي سڀنيڏوھارين سان گڏ ڪشمور ضلعي، پنجاب جي رحيميارخان ضلعي ۽ راجنپور جا ڌاڙيل به راھب شر سان گڏ ھجڻ جا اطلاع آھن.

سياسي سماجي ڌرين پاران شهيد اهلڪارن کي ڀيٽا پيش

گهوٽڪي: رونتي سانحي بعد گهوٽڪي ضلعي جي سياسي سماجي ڌرين توڙي ساڃاهه وندن، پ پ ايم اين اي ۽ مهر برادري جي چيف سردار محمد بخش خان مهر  مهر  ايم پي اي علي گوهر مهر، صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو، ايم پي اي راجا خان مهر، سندراڻي گروپ جي سربراهه ۽ پ پ اڳواڻ مير احسان خان سندراڻي، مير حمزه خان سندراڻي، چيف احمد علي ملڪ، ايم اين اي خالد احمد خان لنڊ، مير بابر لنڊ، صوبائي وزير عبدالباري پتافي، مير افتخار لنڊ، سميت ٻين پاران شهيد اهلڪارن  کي خراج عقيدت پيش ڪري کين ڀيٽا پيش ڪئي وئي. جڏهن ته سٽي ايڪشن ڪاميٽي سرحد جي سربراه چيف احمد علي ملڪ پاران تعزيتي اجلاس ڪوٺائي شهيدن کي ڀيٽائون پيش ڪيون ويون ۽ شهيدن جي مغفرت  لاءِ دعائون پڻ گهريون ويون،

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.