غازي ڳوٺ تي هلان ڪندڙ بلڊر مافيا خلاف ڪارروائي نه ٿي

گلشن اقبال( ن ع آ) اسڪيم 33 عبدالله شاهه غازي ڳوٺ اِي جي رھواسي متاثرن انصاف جو اوسيئڙو، احتجاج کي 4 مهينا ٿيڻ باوجود ڪو  به تدارڪ نه ٿيو،بي گهر رهواسين جو 113 هين ڏينهن به قائم ڪيل احتجاجي ڪئمپ تي انصاف لاءِ نعريبازي ڪئي ۽ انصاف ناهي ڇو ڀلا، ڪربلا ڪربلا جا نعرا هنيا ان موقعي تي ڊاڪٽر الطاف ميمڻ، شبير پٺاڻ، پپن سيال ،گل حسن گوپانگ ۽ ٻين چيو ته بلڊر مافيا خالد يوسفي، مرتضي کوسو، رشيد ثڳڙ علائقي جي قديم ڳوٺن، ڪاليجن ۽ ٻين فلاحي پلاٽن تي قبضا ڪري ڌاريا آباد ڪري پئسا ڪمائڻ چاهين ٿا اسان جي آرسي سي گهرن کي مسمار ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي ۽ پوليس ذريعي حملا ڪرائي فائرنگ ڪرائي جنهن تي وزيراعلي سنڌ پوليس ۽ روينيو عملدارن کي فوري معطل ڪيو پر افسوس ٽن انهن خلاف ڪا به قانوني ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي سڀ انڪوائريون ردي جي ٽوڪري جي حوالي ٿي ويون آهن جوابدار بااثر هجڻ سبب انهن خلاف ڪو به ايڪشن نه کنيو وڃي جيڪا سراسر ناانصافي آهي جيستائين انصاف نه ملندو احتجاج جاري رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.