سانگي لڳ ٻه ناريون گهران نڪري ويو، مهر برادري تي الزام

سانگي ( ن ع آ ) سانگي شهر مان 2 نوجوان ڇوڪريون گهران نڪري ويون، جنهن بعد نارين جي وارثن مهر برادري جي ماڻهن مٿان اغوا جا الزام  لڳائي ڇڏيا،سانگي شهر مان نشاط چنو ۽ دلشاد چنو گهران نڪري ويون،نارين جي وارثن جي شڪايت تي پوليس الزام هيٺ آيل ڌر جي گهرن جو گهيرو ڪري ورتو، ان موقعي تي  وارثن پوليس کي ٻڌايو ته عمران مهر  وارا  نارين کي اغوا ڪري ويا آهن،وارثن جي اهڙي شڪايت تي پوليس جي وڏي نفري الزام هيٺ آيل ڌر جي گهرن مٿان چڙهائي ڪري ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين نارين جو ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.