جوهي ۾ ايس يوپي پاران ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج

جوھي (  ن ع آ  )  ايس يو پي آفيس جوهي ۾ ٻوڏ متاثرين جي سٿائتا نه ٿيڻ ۽ ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪري رستن ۽ متاثرين جي بحالي لاء  سنڌ يونائٽيڊ پارٽي تعلقه  جوھي جي صدر ڪامريڊ غلام قادر لغاري ۽ جسقم آڳواڻ خادم باھوٽو گڏيل بيان ۾ چيو آھي ته هڪ پاسي ھٿرادو ڊاکرن جي لالچ ۾ اچي ٻوڏ آڻي مارو ماڻھن جا اجها ئي پٽ ڪرائي سنڌ حڪومت  بي گهر ڪري ڇڏيو آھي ته ٻئي طرف انهن متاثر لکين ماڻھن جي ڪابه مالي مدد نه ڪئي پئي وڃي  ٻاھرين ملڪن مان ملندڙ ڊالر يورن ريالن جي صورت ۾  اربين روپين جي امداد جي ورھاست ڪاغذي ڪاروائي تائين محدود رھجي وئي آھي ٻئي طرف گذريل ٽن مهينن کان لڳاتار روينيو آفيس جي تالا بندي سبب  جوھي ۾ مختياڪار مقرر ناهي نه ئي  اسسٽنٽ ڪمشنر نظر آيوآھي جڏنهن ته برساتن سميت ٻوڏ ۾ ٿيل نقصان جي جائزي   ڪاٿي لڳائڻ واري سروي جو سلسلو به شروع ٿيندي ئي بند ڪري ڇڏيو آھي جڏنهن ته ٻوڏ متاثرين کي پ پ سرڪار هٿ ڪڍي بي يارو مددگار ڪري ڇڏيو آھي.  ٽن مهينن کان ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ رستن جي بحالي نه ٿيڻ سبب اڃاتائين جوهي جي لکين عوام جا اهنج ٻيڻا ٿي ويا آھن عارضي ڀان روڊ جو ڪروڙين رپين جو پ پ ايم پي اي جوهي ٻن ڏينهن لاء بحال ڪرائي الٽو متاثرين کي ڳرا ڀاڙا ڳچي ۾ وجهي پنڻ تي مجبور ڪري رهيا آھن فنڊ متاثر عوام تي خرچ ڪرڻ بجاء بنگلن جي رونقن تي خرچ ڪيا پيا وڃن. ھنن اختيارين کان مطالبو ڪيو آھي ته جوهي ۾ ايمر جنسي بنيادن تي ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪرائي نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.