لکي غلام شاهه لڳ زمين تي قبضو، متاثر جو سکر ۾ احتجاج

سکر(رپورٽر ) شڪارپور جي تعلقي لکي غلام شاهه جي ڳوٺ عامل جي رهواسي درياءَ خان مهر پنهنجي مائٽ سان گڏ سکر پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي ٻڌايو آهي ته برادري جي بااثر پٺاڻ مهر، منظور مهر، زين احمد، عيدن مهر ۽ ٻيا منهنجي 8 ايڪڙ کان وڌيڪ زرعي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا. 50 سالن کان زمين جو کاتو اسان وٽ موجود آهي، هنن چيو ته جوابدار ڌر خلاف شڪايتون ڪرڻ تي موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، حد جي ٿاڻي جو ايس ايڇ او خان محمد مهر اسان کي تحفظ ڏيڻ بجاءِ جوابدار ڌر جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.