ڪوٽڏيجي ڀرسان حادثو، هڪ ڄڻو فوت، ٻيو زخمي

ڪوٽڏيجي(ن ع آ) ڪوٽبنگلو ۾ گوپانگ پيٽرول پمپ سامهون ٽرڪ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر ۾ هڪ ڄڻو ٿڏي تي فوت ۽ هڪ  سخت زخمي اسپتال داخل لاش گهر پهچڻ تي قهرام  ان ڏس ۾ ڪوٽ بنگلو شھر جي گوپانگ فلنگ اسٽيشن موڙ وٽ پٿرن سان ڀريل ٽرڪ جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر ۾ جنهن نتيجي ۾ ڪوٽڏيجي جو رهواسي 25 سالا نوجوان علي شير ولد اربيلو گوپانگ ٽرڪ هيٺان اچي مٿي وارو پاسو چيپاٽجي ٿڏي تي فوت ٿي ويو, ۽ ھڪ ڄڻو اياز لاشاري سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي شھرين ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪوٽبنگلو جي خانگي اسپتال آندو ويو اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي  فوتي نوجوان جو لاش کڻائي تعلقه اسپتال ڪوٽڏيجي پهچايو ويو جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.