رياض چانڊيو جي گهر تي چڙهائي ۽ مڇر ڪالوني سانحي خلاف ور ۾ ڌرڻو

گھوڙاٻاري( رپورٽ : امير شاهه ڀاڏائي) ور شھر ۾ جيئي سنڌ محاذ مرڪز جي سڏ تي مڇر  ڪالوني سانحي، رياض چانڊيو جي گهر  تي رينجرز جي چڙھائي ٻوڏ ستايلن جي واھر نه ٿيڻ ۽ کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي  آزادي لاءِ پارٽي وائيس چيئرمين نواز شاهه ڀاڏائي غلام نبي کٽي ۽ فرھاد چانڊيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو نعريبازي جان شاھ چوڪ تي گڏ ٿيل ميڙاڪي کي خطاب ڪندي نواز شاھ ڀاڏاي چيو ته سنڌ ۾ ڪو به قانون لاڳو ڪونھي سڌي ريت مارشلا مڙھيل آھي عدالتن کان مٿاھان قتل روز جو معمول بڻيل آھن جبر ڏاڍ ۽ جبري گمشدگيون عروج تي آھن ظلم جي انتھا اھا آھي ته ھن وقت غير قانوني ترسيل ماڻھو ڪڏھن افغانين جي صورت ۾ ارشاد رانجھاڻي کي روڊ تي سريعام قتل ڪن ٿا ڪڏھن بلاول ڪاڪا کي مارين ٿا تازو بنگالين ۽ برمين مڇر ڪالوني ۾ ايم جاويد ۽ اسحاق پنھور کي بي رحماڻي نموني سنگسار ڪري قتل ڪيو آھي 15 آڪٽوبر تي خيرپور ميرس واسي ڪامران چانڊيو کي افغانين گولين جي بک بڻايو ھاڻي ته قتلن جون ايف آئي آرون به داخل نٿيون ڪيون وڃن ظلم اھو آھي ته مڇر ڪالوني جي گرفتار ڪيل قاتلن وٽان ھتان جو نه شناختي ڪارڊ مليو آھي نه ڪو ٻيو ڪاغذ اھي مڪمل غير قانوني طور ترسيل آھن غير ملڪين لاء ڌرتي جنت بڻائي ڌرتي ڌڻين لاء دوزخ جھڙيون حالتون پيدا ڪيون ويون آھن اسان جا ڳڀرو نوجوان پٽ اذيتون ڏئي ماريا پيا وڃن وحشت جو راڄ آھي جيڪو عمل قابل مذمٿ آھي حڪمران ڌاري آبادڪاري کي ڇوٽ ڏيو ويٺا آھن ته اھي نوجوان قتل ڪن منشيات کپائين ھٿيار سپلائي ڪن زمينن تي قبضا ڪن ھر طرف ڏھڪاء جو ماحول جوڙيو ويو آھي ته جئين سنڌ جا وارث خوف جو شڪار ٿي پنھجي گادي جي ھند طرف رخ نه ڪن ان سڄي صورتحال جي شديد مذمت ڪريون ٿا ۽ مطالبو ٿا ڪريون ته غير ملڪين کي واپس ڪيو وڃي افغانستان جون حالتون بھتر ٿي چڪيون آھن ان ڪري افغاني پناھگيرن کي سندن ملڪ موڪليو وڃي برمين جو اشو برما ۾ حڪومت ڪنٽرول سنڀالي ورتو آھي کين اوڏانھن موڪليو وڃي بنگلاديش خوشحال آھي بنگالي اوڏانھن ھليا وڃن سنڌ جي ماڻھن کي امن سان رھڻ ڏنو وڃي غير ملڪين کي سنڌ نيڪالي ڏني وڃي ۽ جيڪي جبري گمشدگيون ٿيون آھن گم ڪيل ماڻھو آزاد ڪيا وڃن جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو جي گھر تي ٿيل چڙھائي ڪري رينجرز ۽ پوليس چادر چوديواري جو تقدس پامال ڪيو آھي ان جي مذمت ڪريون ٿا سنڌ ۾ ھٿرادو ٻوڏ سبب جيڪي 2 ڪروڙ ماڻھو دربدر ٿيا آھن سندن معيشيت تباھ ٿي سندن فوري بحالي ممڪن بڻائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.