”امن بحال ڪريو“ ڳڙهي ياسين ۾ شهرين جو ڌرڻو، ٽائرن کي باهه

ڳڙهي ياسين(ن ع آ)ڳڙهي ياسين شھر سميت ڀرپاسي ۾ بدامني جو راڄ قائم هئڻ سبب تعلقي جو عوام غير محفوظ بڻجي چڪو آهي، آئي ڏينهن وارداتون ٿيڻ سبب عام ماڻهون عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن ، ديناري برادريءَ جي نوجوان منٺار ديناري کان موٽر سائيڪل روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ٿيڻ خلاف ديناري برادريءَ جي سوين ماڻهن، ڊاڪٽر نواب ديناري، ڪريم  بخش رند، عبدالجبار ديناري،منٺار ديناري، محبوب ديناري، جي اڳواڻي ۾ لاڙڪاڻو شڪارپور انڊس ھاءِ وي روڊ تي رڪاوٽون رکي ٽائرن کي باهيون ڏيئي احتجاج ڪندي چيو ته ڳڙهي ياسين تعلقي ۾ بدامنيءَ جي باھ ٻريل آهي ايس ايڇ او ڳڙھي ياسين طارق لاکير پوليس اسٽيشن جا دروازا بند ڪري آرام ڪري رهيو آهي پوليس نالي ماتر ڪم ڪونه ٿي ڪري جنهن سبب ڏوهاري بغير خوف جي آسانيءَ سان وارداتون ڪن ٿا، ان موقعي تي مظاهرين مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور منٺار ديناري کان ڦر ٿيل موٽر سائيڪل ۽ قيمتي سامان واپس ڪرائي ڏنو وڃي، ٻي طرف رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڳڙھي ياسين طارق لاکير ٻڌايو ته مان موڪل تي ڳوٺ آيل آهيان ڦر واقعو ڳڙهي ياسين نه بلڪي آغا فارم پوليس اسٽيشن جي حد ۾ ٿيو آهي جنهن بعد آغا فارم ۽ ڊکڻ ٿاڻن جا ايس ايڇ اوز عبدالقادر لانگاه ۽ خميسو بروھي ايس ايس پي شڪارپور ڪئپٽن (ر) فيضان علي جي خاص هدايتن تي ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري ڳڙهي ياسين پوليس اسٽيشن تي نامعلوم جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪرائي موٽرسائيڪل واپس ڪرائڻ جي شرط تي روڊ کولرائي ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.