سيري ۾ جوابدار دڪانن جا تالا ٽوڙي لکن جو سامان کڻي ويا

سيري ( ن ع آ)  سيري ٿاڻي جي حد ۾ چورن رڻ ٻاري ڏنو ھڪ ئي رات ۾ نامعلوم چور ٻن دڪانن جا تالا توڙي لکين روپين جو سامان چوري  ڪري ويا گزريل ھڪ ھفتي دوران چوري ۽ ڦرن جون 9 کان وڌيڪ وارداتون حد جي پوليس امن ڪرائڻ ۽ عام شھري کي تحفظ ڏيڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آھي   خبر موجب سيري ٿاڻي جي حد ڪيٽل ڪالوني سيري شھر ٽنڊو محمد خان روڊ ميرجي خري سميت مختلف ھنڌن تان  9  کان وڌيڪ چوري ۽ ڦرن جون وارداتون ٿي ويون چورن ۽ ڦورون رڻ ٻاري ڏنو  تزريل آچر جي  رات ٿاڻي ويجھو دڪانن جا تالا ٽوڙي سامان ٻھاري ويا سيري ٿاڻي کان پنج سئو ميٽر جي فاصلي تان رجب قمبراڻي جي دڪان جا نامعلوم چور تالا تيز ڌار اوزار سان ٽوڙي 50 ھزار جي ماليت جو ايڪو سائونڊ تارون ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري ويا   ساڳئي رات وري گوپال ميگھواڙ جي درزي جي دڪان جا ساڳئي تيز ڌار اوزار سان تالا ٽوڙي 100 سڀيل وڳا ۽ 70 اڻسڀيل وڳا، سلائي واري مشين يو،پي،ايس بيٽري ۽ ٻيو قيمتي سامان چور کڻي ويا  مير جي کري وٽان نا معلوم ڦورن ھٿيار جي زور تي اڪبر شاھ کان 22 ھزار ڦري ويا ڇلگري موڙ وٽ المدينه ھوٽل جي مالڪ نور خان ۽ ھوٽل جي عملي کي ھٿيار بندن ھٿيارن جي زور تي يرغمال ڪري 1 لک 50 ھزار ڦر ڪري فرار ٿي ويا  ان کان پھريائين نارائڻ جي ايزي لوڊ جي دڪان جا نامعلوم چور تالا ٽوڙي ڪمپيوٽر، يو،پي،ايس، بيٽري ۽ ٻيو قيمتي سامان چور چوري ڪري فرار ٿي وياامام ڏنو ڪشگوري جي دڪان جا به چور تال ٽوڙي قيمتي سامان چوري ڪري ويا عام شھرين ۽ عام ماڻھن ايس،ايس،پي حيدرآباد ڊي،آئي،جي حيدرآباد کان پرزور مطالبو ڪندي چيو ته سيري ٿاڻي جي حد ۾ چورن ڦورن خلاف سخت ڪاروائي ڪرائي ڏوھارين کي گرفتار ڪرائي چوري ۽ ڦر ٿيل رقم واپس ڪرائي وڃي ۽ علائقي ۾ امن ڪرايو وڃي ٻئي طرف ايس،ايڇ،او سيري رابطي تي ھن ٻڌايو ته اسان ڪجھ گرفتاريون ڪيون آھن ۽ ڪجھ وارداتن جا ڍونگ رچايا پيا وڃن  ھن چيو  ته ٿاڻي جي حد ۾ ڏوھ برداش نه ڪندي انشا الله تمام جلد ڏوھارين خلاف ڪارائتا قدم کنيا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.