وارهه: جسم ڪارڪنن جو رياض چانڊيو جي گھر تي چڙهائي ۽ ڪراچي جي مڇر ڪالوني واقعي خلاف احتجاج

وارهه ۾ جيئي سنڌ محاذ پاران رياض چانڊيو جي گھر تي چڙهائي ۽ ڪراچي مڇر ڪالوني واقعي خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ڪارڪنن غفار ميرجت، محسن ابڙو، ضمير ٻرڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته راڄڌاني ڪراچي ۾ غيرملڪين هٿان ڌرتي ڌڻين جي قتل معمول بڻجي ويو آهي پر نه قاتلن کي گرفتار ۽ نه ئي کين نيڪالي ڏني وڃي.

سندن چوڻ هو ته ڌرتي ڌڻين جي قتل خلاف آواز اٿارڻ تان ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي گھرن تي چڙهايون ڪري هيسايو وڃي ٿو، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي.

اڳواڻن مطالبو ڪيو ته مڇر ڪالوني واقعي جي جوابدارن کي گرفتار ڪري سرعام ڦاسي ڏني وڃي، جڏهن ته سنڌ ۾ ترسيلن غيرملڪين کي نيڪالي ڏئي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي هيسائڻ بند ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.